اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مولانا فضل الرحما?? جي مدرسا رجسٽريش?? جي تجويزن تي مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف معاملن کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته قانون واري وزارت ان معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ آئين ۽ قانون موجب قدم کڻي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، پاڪستان پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره سميت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار ايازصادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سيني??ر اعظم نذير تارر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻ?? ثناءُ الله ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان موجود هئا.