اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وزارت طرفان قوم?? اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو ته وفاقي سرڪاري ملازمن کي فري سولر پينل يا آسان قرض اسڪيم جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي. توانائيءَ واري وفاقي ??زير جي سربراهيءَ ۾ ٽاسڪ فورس 5 آءِ پي پيز سا?? ڳالهين کان پوءِ معاهدن تي نظرثاني ڪئي آهي جنهن سبب به عام ماڻهو تي بار گهٽ پوندو. ڪالهه قوم?? اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران شائسته خان جي سوال تي توانائيءَ بابت وفاقي ??ارلياماني سيڪريٽري عامر طلال خان ٻُڌايو ته وفاقي سرڪاري ملازمن کي فري سولر پينل يا آسان قرض اسڪيم جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي. حڪومت 32 ملي?? ماڻهن کي سبسڊي ڏئي رهي آهي. ايوان کي وزارت طرفان لکت ۾ ٻُڌايو ته وزارت ۾ هن وقت سيلب سسٽم تي نظرثاني ڪرڻ جي ڪنهن به تجويز تي ڪم ناهي ٿي رهيو.