اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي پاڪستان جي دوري دوران ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ 15 اهم معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جن ۾ 2025ع کان 2027ع جي مدي لاءِ جامع تعاون جو روڊ ميپ پڻ شامل آ??ي. ??رڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب روڊ ميپ پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي مرڪوز آهي. بيان موجب بيلاروس جي صدر ۽ وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل رينج جو جامع جائزو و??تو ۽ سياسي، واپاري، اقتصادي، ثقافتي، سماجي ۽ ٻين شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو و??جاءُ ڪيو. بيان موجب بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪم?? ڪري ورتو آهي. ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کيس الوداع ڪيو.