اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پي اي ايف نور خان ايئربيس تي بيلاروس جي صدر جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يلاروس جي صدر جو ڪابينا ميمبرن سان تعارف ڪرايو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستو پيش ڪيو. بيلاروس جو صدر ??زيراعظم محمد شهباز شريف ??ي دعوت تي 25 کان 27 نومبر 2024ع تائين پاڪستان جو د??رو ڪري رهيو آهي. بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صدر ??وڪاشينڪو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ي وچ ۾ ملاقات ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان دوران بيلاروس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مخ??لف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيندي??ن. ??يلاروس جي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد گذريل ڏينهن پهتو هو. وفد ۾ بيلاروس جي ڪابينا جي اهم وزيرن سميت ناليواريون ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو د??رو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو.