اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواج?? چيو آهي ته موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرني?? تائين پهچ تمام ضروري آهي، حڪومت ڊج??ٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، سمارٽ فون فار آل پاليسيءَ تي ڪم جاري آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه قطر ۾ رٿيل ڪانفرنس جنهن جو عنوان ???ڊجيٽلائيزيشن اينڊ وومن ان پوليٽيڪس“ سان وڊيو ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرني?? تائين پهچ تمام ضروري آهي، ڊج??ٽل ڊوائيسز ۽ انٽرنيٽ جي فراهميءَ سان عورتن کي بااختيار بڻائي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ڊج??ٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، عورتن جي موبائل فو??، آءِ سي ٽي جي استعمال ۾ موجود رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته عورتن جي سياست ۾ اچڻ لاءِ سماجي، معاشي رڪاوٽون آهن. ڊج??ٽلائزيشن ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائي قومي سياسي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته عورتن جي ڊج??ٽل اڪانومي تائين پهچ لاءِ جينڊر ڊج??ٽل ڊوائيڊ پاليسيءَ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم فري ليپ ٽاپ اسڪيم ڊج??ٽل ٽولز جي پهچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سمارٽ فون فار آل پاليسي تي ڪم جاري آهي.