اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قطر سا?? گڏيل مفاد جي شع??ن ۾ ??طر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، قطري ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻن. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قط?? جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ڪامياب انعقاد تي قطر کي ساراهيو. هن ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ميزباني تي قطر حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وقتي صدر جو چوڻ هو ته قطر ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطي کي فروغ ڏيڻ ۾ هڪ مضبوط پل وانگر آهن. قط?? جي سفير پاڪستان کي هڪ ڪاروبار دوست ملڪ جي طور تي ساراهيندي چيو ته قطر جو سيڙپاري وارو وزير جلد ئي پنهنجي وفد سا?? گڏ پاڪستان جو دورو ڪندو، وفد مختلف شع??ن ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺندو، اميد آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي قط?? جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌ??ڪ گهرا ٿيندا.