اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ?? بيلاروس بزنس فورم ۾ 8 واپاري معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن. پاڪستان ?? بيلاروس وچ ۾ 5 سالن لاءِ نيوٽري فوڊ ايند فارماسيوٽيڪلز ڪمپني ?? بيلاڪٽ طرفان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. سال 2025ع لاءِ پاڪستان ?? بيلاروس وچ ۾ شين جي فراهميءَ لاءِ شهزاد ٽريڊ لنڪس ۽ منسڪ موٽر پلانٽ مفاهمت جي يادداش??ن تي صحيحون ڪيون. شهزاد ٽريڊ لنڪس ?? بيلشينا وچ ۾ پاڪستاني مارڪيٽ ۾ ٽائرن جي فراهميءَ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيون. وٽرنري دوائن جي فراهميءَ لاءِ مصطفيٰ برادرز ۽ ”بيل وٽو نيفارم“ وچ ۾ صحيحون ٿيون. نيشنل لاجسٽڪ ڪارپوريشن ?? بيلٽا موز سروس وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. فارما انڊسٽريءَ ۾ تعاون تي بائيو ميڊيڪل سسٽم ?? بيلميڊ پريپريٽري وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. شين جي فراهميءَ لاءِ راس انٽرنيشنل ٽريڊنگ ?? بيلٽس ويٽميٽ وچ ۾ معاهدا طئ?? ٿيا ۽ پاڪستان طرفان گرين ڪارپوريشن انيشيئٽو ?? بيلاروس جي منسڪ ٽريڪٽر ورڪس ڪمپنين وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۾ بيلاروس جا ٽريڪٽرز پائيداري ۽ مضبوطيءَ جي علامت سمجهيا وڃن ۽ هتي مقامي مارڪيٽ ۾ انهن جي گهرج تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ واڌ لاءِ 2025ع کان 2027ع لاءِ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي ملڪ تعاون لاءِ عملي قدم کڻندا. هن چيو ته پاڪستان ?? بيلاروس علائقائي واپار ۽ ڪنيڪٽوٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ حصيدار به آهن. پاڪستان بيلاروس سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ گڏيل رٿائن ۾ سيڙپڪاريءَ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ توانائي، زراعت، آءِ ٽي ۽ ٻيا شعبا کُليل آهن. هن چيو ته پاڪستان ?? بيلاروس جي ٻه طرفي واپار ۾ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان مان گوشت، ڊيري، زرعي شيون ۽ ڪاغذ جي شين جو روانگي واپار وڌائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته بيلاروس سان واپاري رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ ۽ مارڪيٽ تائين پهچ کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي جنهن تي وفاقي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان خطي ۾ واپاري ۽ ٽرانزٽ حب بڻجڻ لاءِ پُرعزم آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان دنيا جي ڇهين وڏي واپاري مارڪيٽ آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئ?? ٿيل معاهدن سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن کي نوان موقعا ملندا. ٻنهي ملڪن جا ڪاروباري ماڻهو به هڪٻئي جي ويجهو ايندا ۽ معيشت کي سهارو ملندو.