اسلام آ??اد – 07 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز ز??ره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪ??اد ڏني آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا پراڻا دوست ۽ حصيدار آهن، اسان هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي ٻڌل لاڳاپا رکون ٿا، والا??يل ڪشمير جي آزادي پسند اڳواڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن فرنٽ جي چيئرمين محمد ياسين ملڪ جي نئين دهلي ??ي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ بک هڙتال ۽ خراب ٿيندڙ صحت تي ڳڻتي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز ز??ره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان کي محمد ياسين ملڪ جي خراب ٿيندڙ صحت تي سخت ڳڻتي آهي، کيس فوري طور تي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان ياسين ملڪ جي فوري آزادي جو پڻ مطالبو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان غزه ۾ فوري فائربندي جو مطالبو ڪيو آهي، غزه ۾ اسرائيلي ??ارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان فلسطين مسئلي ??ي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ کي فوري بند ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومون پنهنجو ڪردار ادا ڪري، غزه ۾ اسرائيل پاران نسل ڪشيءَ جي جنگي ڏوهن تحت جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي غزه جي صورتحال بابت رپورٽ جي آجيان ڪريون ٿا، اسرائيلي ??ملن سان فوري طبي امداد جي منتظر فلسطينين کي امداد حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. ممتاز ز??ره بلوچ هڪ سوال جي جواب ۾ صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪ??اد ڏني آهي، پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا پراڻا دوست ۽ حصيدار آهن، اسان هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي ٻڌل لاڳاپا رکون ٿا. ياد رهي ته محمد ياسين طبي سهولتن جي عدم فراهمي جي خلاف تهاڙ جيل ۾ گذ??يل 7 ڏينهن کان بک هڙتال تي آهي.