اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري علائقائي ا??ن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آه??. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي اسلام آباد ۾ آجيان ڪندي کيس خوشي ٿي آه??. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ، اسٽيٽ قونصلر ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي تاريخي ۽ لاڀائتي دوري جا منتظر آه?? جيڪو پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان ٻطرفن قدمن خاص طور تي چين، پاڪستان اق??صادي لنگهه (سي پيڪ) تي اڳڀرائي جو جائزو وٺنداسين ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل تعاون جون نيون راهون به ڳولينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري علائقائي ا??ن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آه??.