اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پ?? پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر طلال چوڌري ??يو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي موقعي تي پ?? ٽي آءِ پاران احتجاج جو اعلان رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. آچر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم(ايس سي او) ڪانفرنس کي متاثر ڪرڻ جي ڌمڪي آهي جتي 200 وفد پاڪستان ۾ موجود هوندا. هن چيو ته اها ڪانفرنس قوم لاءِ گهڻي اهم آهي ڇو ته ان تي ملڪي م??يش?? ۽ مستقبل جو انحصار آهي. طلال چوڌري ??يو ته پي ٽي آءِ باني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ وي آءِ پي قيدي آهي، جيل ۾ ملاقاتون ڪندو آهي ۽ خصوصي مراعتون به حاصل ڪندو آهي.