اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته جديد تعليمي نظام ۾ سيرت رسول الله صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جو شامل هئڻ ضروري آهي، اسلام ۾ استاد کي اعليٰ درجو حاصل آهي، تعليم هر مرد ۽ عورت جو بنيادي حق آهي. حضور اڪرم صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي تعليم ??سا?? کي اخلاقيات، خود احتسابي ۽ مساوات جو درس ڏئي ٿي، علم کانسواءِ متوازن معاشري جي جوڙجڪ ناممڪن آهي، اسلام علم کي حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. 12 ربيع الاول ??سا?? کي اسوة حسنه صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم تي عمل ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. 49 هين قومي سيرت النبي صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن 12 ربيع الاول جي ڏينهن جي موقعي تي سمورن آيل، اهل وطن ۽ عالم اسلام ??ي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته هي ڏينهن ??سا?? کي رحمة للعالمين صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي اسوة حسنه جي روشنيءَ ۾ پنهنجي ڏينهن رات ??ي منور ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو، پيغمبر اسلام صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي اعليٰ روشن تعليمات کي هٿي ڏيڻ ئي وقت جو سڀ کان اهم تقاضا آهي، اڄ ??سا?? حضور اڪرم صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي بارگاه ۾ عقيدت جا تحفا پيش ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ آهيون، ??سا?? کي ان برڪتن واري محفل ذريعي سڄي ملڪ مان آيل عالمن ۽ مشائخن سان ڳالهائڻ جو موقعو مليو، ڪانفرنس جو بنيادي مقصد نبي اڪرم صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي تعليمات ۽ اسوة حسنه جي پرچار آهي ته جيئن معاشري جو هرد فرد ۽ ادارو پاڻ سڳورن صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي تعليمات مان رهنمائي وٺي تعليمي، معاشرتي، مذهبي ۽ اخلاقي، سياسي، معاشي ۽ دنيا ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ٿي سگهي ۽ ٻين لاءِ روشني جو سبب بڻجي. هن چيو ته هلندڙ سال قومي سيرت ڪانفرنس لاءِ جنهن موضوع جي چونڊ ڪئي وئي آهي اها اسوة حسنه جي روشنيءَ ۾ رياست جي تعليمي نظام بابت آهي، جيڪڏهن ??سا?? نبي اڪرم صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي زندگي ۽ تعليمات تي غور ڪريون ته معلوم ٿيندو ته پاڻ سڳورن صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي زندگي ۽ حڪمراني خطي يثرب کي دنيا جي سڀ کان بهترين فلاحي رياست ۾ بدلائي ڇڏيو. هن چيو ته رسول اڪرم صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي عهد ۾ تعليمي نظام ۽ علم جي سرپرستي تمام اهم هئي، مسلمانن جي زماني ۾ جيڪا علم کي ترقي حاصل ٿي ۽ جنهن سبب هو سڄي دنيا جا استاد بڻيا ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن عربي ڪتابن کي پڙهي جديد تحقيقات کان آگاهه ڪيو ان جو بنياد نبي اڪرم صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جن ئي رکيو. هن چيو ته نبي اڪرم صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم کي خدائي حڪم به پڙهڻ بابت ئي مليو ۽ علم جي اهميت به پهرين وحي ۾ بيان ڪئي وئي. پاڻ سڳورن صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي تعليم يافته ۽ تربيت يافته ماڻهن دين ۽ دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيترا ڪامياب ٿيا ان جي مثال خلفاءِ راشدين جي حڪمراني جي نظام کان وٺي صحابه ڪرام جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين مان ڏئي سگهجي ٿي، جنهن سان سڄو جهان واقف آهي. هن چيو ته سيرت النبي صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم ۽ صحابه ڪرام جي زندگين ۾ ??سا?? کي اهي اخلاقيات ۽ قدر جهڙن انصاف، ديانتداري، امانتداري، خود احتسابي، ذميداري، ٻين جي حقن جو خيال، محبت رواداري، سچ، عفو ۽ درگذر ۽ ايثار نظر اچي ٿو جنهن پٺيان ٻنهي جهانن جي سردار صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جو اهو عظيم نظام تعليم ۽ تربيت آهي جيڪو انسان اندر تقويٰ ۽ الله جو خوف پيدا ڪري ٿو ته ڪو ڏسي يا نه ڏسي غلط ڪم ناهي ڪرڻو ڇاڪاڻ ته منهنجو الله مون کي ڏسي رهيو آهي ۽ مون کي حساب ڏيڻو آهي. نبي اڪرم صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم هر شخص لاءِ علم حاصل ڪرڻ جي حق جي حمايت ڪئي چاهي اهو مرد يا عورت، ڪنهن به نسل يا رنگ سان هجي. پاڻ سڳورن صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم فرمايو علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي، اهو بيان هڪ انقلابي آهي جيڪو بيان ڪري ٿو ته تعليم صرف مخصوص طبقي لاءِ نه پر هر فرد جو حق آهي. هن چيو ته اسوة حسنه جو اهم نُڪتو تعليم ۽ تربيت جي عمل ۾ استادن ۽ عالمن جو ڪردر آهي، نبي اڪرم صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي زندگي ۾ استادن ۽ عالمن جو ڪردار تمام اهم آهي، پاڻ سڳورن صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم فرمايو عالم، انبياءِ ڪرام جا وارث آهن، اها حديث عالمن جي اهميت جي نشاندهي ڪري ٿي. وفاقي وزير عالمن جو ڌيان ڇِڪرائيندي چيو ته جديد تعليمي نظام ۾ عملي اخلاق ڪيئن ممڪن آهي، نبي اڪرم صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ ??سا?? انهن اصولن کي جديد تعليمي نظام ۾ ڪيئن لاڳو ڪري سگهون ٿا؟ سڀ کان پهرين ??سا?? کي اهڙو نصاب تيار ڪرڻ گهرجي جيڪو ديني ۽ دنياوي علم اندر توازن هجي، سائنس، رياضي تاريخ جهڙن مضمونن کي قرآن ۽ حديث ۽ فقه سان پڙهايو وڃي ته جيئن شاگردن جي تعليم متوازن ٿئي. هن چيو ته اهڙو تعليمي نظام جيڪو نبي اڪرم صلي ال??ه عليه وآ??ه وسلم جي سيرت مان متاثر ٿئي اهو نظام آهي، جيڪو علم جو قدر ڪري، اخلاقي ۽ روحاني ترقيءَ کي هٿي ڏئي، سڀني جي شموليت جي حمايت ڪري ۽ استادن جي اهم ڪردار جو احترام ڪري، انهن اصولن کي اختيار ڪندي ??سا?? هڪ اهڙو تعليمي نظام تيار ڪري سگهون ٿا جيڪو نه صرف شاگردن کي دنيا ۾ ڪاميابي لاءِ تيار ڪري ٿو پر ان جي روح ۽ ڪردار جي به پرورش ڪري ٿو ۽ کين ذميدار ۽ اخلاق ۽ روحاني طور تي هڪ باخبر فرد بڻجڻ طرف رهنمائي ڪري ٿو.