اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سامونڊي الودگي ۽ موسمياتي ت??ديلي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سامونڊي ماحولياتي نظام ۽ سامونڊي علائقن جي ت??فظ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته سامونڊي آلودگي پاڪستا?? جي لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ڇو ته اها آبي حيات کي منفي طور تي متاثر ڪري رهي آهي ۽ ان سان ماهيگيري جي شعبي جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي پاڪستا?? جي دوري تي آيل سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊيومنگيوز ويلاسڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، موسمياتي ت??ديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪ??يٽ?? جي چيئرپرسن سينيٽر شيري رحمان ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. صدر آءِ ايم او جي سيڪريٽري جنرل جي آجيان ڪندي چيو ته بليو اڪانومي تي ڌيان ڏيڻ پاڪستان جي ت??قياتي حڪمت عملي جو اهم جز آهي ڇو ته پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ماهيگيري ۽ شپ بريڪنگ جي شعبن کي جديد بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي ت??ديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي ??هيو آهي، پاڪستان پنهنجي سامونڊي ماحولياتي نظام کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هو آءِ ايم او جي مدد ۽ مهارت جي آجيان ڪندو. هن چيو ته موسمياتي ت??ديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سنڌ ۾ هڪ ملين ايڪڙ تي تمر جا ٻيلا هنيا آهن، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽ وڪرو ڪيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 20 لک ايڪڙ زمين تي تمر جا ٻيلا هڻڻ جو منصوبو جاري آهي. صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي ت??ديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي ??هيو آهي، پاڪستان سامونڊي ماحولياتي نظام جي بهتري جي لاءِ آءِ ايم او جي مدد جي آجيان ڪندو. هن چيو ته بليو اڪانومي تي ڌيان ڏيڻ پاڪستان جي ت??قياتي حڪمت عملي جو اهم جز آهي، پاڪستان ماهيگيري ۽ شپ بريڪنگ جي شعبن کي جديد بڻائڻ جو خواهشمند آهي. صدر آءِ ايم او جي ضابطن ۽ معيارن تي عمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان آءِ ايم او سان مختلف شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستا?? جي سامونڊي شعبي ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته آءِ ايم او پائيدار ۽ موثر سامونڊي انڊسٽري جي فروغ ۾ پاڪستا?? جي حمايت جاري رکندو. صدر موثر ريگيوليٽري فريم ورڪ جو مشن اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو.