اسلام آباد ?? 11 ??? سيپٽمبر (اي پي پي) سفير آمنه بلوچ پاڪستان جي 33 هين پرڏيهي سيڪريٽري طور پنهنجُون ذميداريُون سنڀالي ورتيُون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب تجربيڪار سفارتڪار آمنه بلوچ اسلام آباد ۽ ٻاهرئين مل?? پاڪستاني مشنز ۾ ڪيتريون ئي اهم ذميواريون سرانجام ڏنيون آهن. هن 2014ع کان 2017ع تائين چينگڊو چين ۾ پ??ڪستان جي قونصل جنرل جي طور تي خدمتون سرانجام ڏنيون، هو 2019ع کان 2023ع تائين ملائيشيا ۾ پ??ڪستان جي هاءِ ڪمشنر جي طور تي فرض سرانجام ڏئي چڪي آهي. هن 2023ع ۽ 2024ع ۾ يورپي يونين، بيلجيم ۽ لڪمسمبرگ ۾ سفير جي حيثيت سان پڻ ذميواريون نڀايون آهن.