ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع پا??ستان جي موقعي تي ڪراچي ۾ پا??ستان جي باني قائد اعظم محمد عل?? جناح رح جي مزار تي گارڊن جي تب??يل?? جي شاندار تقريب منعقد ٿي. هن ڀيري پا??ستان ايئرفورس اڪيڊمي اصغر خان جي ھڪ چست جٿي قائد اعظم جي مزار تي گارڊن جون ذميواريون سنڀاليون. ان موقعي تي ايئر آفيسر ڪمانڊنگ، ائير وائيس مارشل شھريار خان تقريب جو خاص مھمان ھو. جاري ڪيل پڌارئي مطابق ايئر وائيس مارشل شھريار خان پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ باباءِ قوم جي مزار تي گل رکيا ۽ دعا ??ئي. قائد اعظم محمد عل?? جناح رح جي مزار تي پا??ستان ايئر فورس جا 74 ڪيڊٽس پيشيوراڻين ذميوارين لاءِ مقرر ٿيا، جن ۾ 61 مرد ۽ 13 عورت ڪيڊٽس شامل آھن.