اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) عمران احمد صديقي سان ٿائيلينڊ جي 8 رڪني وفد پرڏيه?? وزارت ۾ ملاقات ڪئ?? جنهن جي قيادت مذهبي معاملن جو ڊائريڪٽر جنرل چياپون سڪ ليم ڪري رهيو هو، وفد ۾ ??ني?? ساڪيا پڻ شامل هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٿائيلينڊ جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ ٻڌمت جي گڏيل ورثي سان ڳنڍيل گهري ثقاتي تعلق تي ڌيان ڏنو ويو. ڌرين گڏيل ثقافتي ۽ آرٽ جي منصوبن ۽ پ??هنجي گڏيل ورثي جي گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو.