لاهور -11 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لا??ِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين، پاڪستان جي اقليتن تي اسان کي فخر آهي، پاڪستاني جهنڊي ۾ اڇو رنگ اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتن جو ڪردار هميشه هاڪاري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماڊل ٽائون ۾ اقليتن جي ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لا??ِ حڪومت هر فورم تي آواز اٿاريندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي واضح هدايت آهي ته اسان اقليتن جي حقن جي تحفظ لا??ِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر به ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. اقليتن جي حقن لا??ِ هر جاءِ تي آواز اٿارينداسين، حڪومت توهان جي حقن جي تحفظ جي ضامن آهي. هن چيو ته و??يراعظم محمد شهباز شريف مون کي لاهور مان ايم اين اي جي ٽڪيٽ ڏن?? ۽ منهنجو ان تڪ سان تعلق آهي، جتي 70 هزار عيسائي ووٽرز جو مان ??مائندو آهيان ۽ مون کي پنهنجي تڪ مان جيتري محبت ان ڪميونٽي مان ??لي آهي، ڪنهن ٻئي مان ??ه. هن چيو ته اسيمبلي ۾ به جڏهن ڪو واقعو هجي يا ڪميونٽي ٿورو خوف محسوس ڪري ته اسان اتي به انهن جو حوصلو وڌائيندا آهيون ۽ انهن جو آواز اٿاريندا آهيون. هن چيو ته و??يراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير ۽ وزيراعظم طور هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لا??ِ هميشه رواداري جو پيغام ڏن?? آهي. سمورين اقليتن ۽ آرمڊ فورسز جي آفيسرن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي اسان جي دعوت تي هتي آيا. اسان کي توهان تي فخر آهي، پاڪستان زنده باد، پاڪستان جون اقليتون پائيندا باد. وفاقي وزير تقريب ۾ هڪ سک شاعر جو شعر به پڙهيو.