اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي يادگاري ٽپال ??ڪل?? جاري ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪستان پوسٽ ۽ يونيورسٽي انتظاميه گولڊن جوبلي جي موقعي تي يادگاري ٽپال ??ڪل?? جي مهورت ڪئي. تقريب ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پاڪستان پوسٽ جو ڊائريڪٽر جن??ل سميع الله خان خاص مهمان هئا. ان اهم سنگ ميل کي خصوصي ٽپال ??ڪل??ون جاري ڪرڻ سان ملهايو ويو جيڪو معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ معاشري تي ان جي اثرن لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي چاهه جي علامت آهي. پنهنجي خطاب ۾ راڻا تنوير حسين پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي نمايان خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سڀني لاءِ پهچ جوڳي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ??يو آهي ۽ هي يادگاري ٽپال ??ڪل?? علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي پاڪستان پوسٽ طرفان جاري ڪئي پئي وڃي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي.