اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جي ايراني گادي واري شهر تهران ۾ قتل جي مذمت ڪ??دي خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم ??وئ?? تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ??فيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي ??فيس جو چوڻ آهي ??ه اسان کي ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي ٿيندڙ ان غيرذميواراڻي ڪارروائي سان وڏو صدمو پهتو آهي ??نهن ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم سميت ڪيتريون ئي غيرملڪي شخصيتون شريڪ هيون. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان اسماعيل هانيه جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪ??دي چيو ته پاڪستان عدالت کان مٿانهين ۽ ٻين ملڪن جي سرزمين تي قتل سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم ??وئ?? کي گهري ڳڻتي جي نظر سا?? ڏسي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسرائيل جون تازه ترين ڪارروايون اڳ کان ئي عدم استحڪام ۾ ورتل خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ اضافو ۽ امن جي ڪوششن جي ل??ءِ نقصانڪار آهن.