اسلام آبا-08 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات، نجڪاري ?? سيڙپڪاري بورڊ واري و??اقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سڀ ??ان پهرين ترجيح سکر ??ان ڪراچي تائين محفوظ ۽ معياري موٽر وي جي تعمير کي يقيني بڻائڻ آهي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي شاهراهن تي ڪم جي رفتار جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جو دورو ڪندس. مواصلات واري و??اقي وزير عبدالعليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي هيڊڪوارٽرز ۾ رٿيل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته واپاري نقطه نظر سان اسان جي سمورين شاهراهن ۽ روڊ نيٽ ورڪ جو اصل هدف سينٽرل ايشيا جا ملڪ هجڻ گهرجن جنهن جو ملڪ ۽ قوم کي وڌ ک??ن وڌ فائدو ٿيندو. هن چيو ته هو کاتي کي نئون ٽاسڪ ?? محڪماڻي ايڪشن پلان ڏئي رهيو آهي جنهن تحت سرڪاري فنڊز ڪنهن به صورت ۾ ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪرپشن تي ”زيرو ٽالرنس“ هوندي ۽ عوامي مفادن جي منصوبن کي قابل عمل بڻائيندي گهٽ ۾ گهٽ رقم مان وڌ مان وڌ فائدو حاصل ڪنداسين. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اين ايڇ اي ۾ صلاحيتن جي ڪا کوٽ ناهي، ٿوري ڪوشش سان هي ادارو سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين منصوبن ۾ پرڏيهي منصوبن جا ٺيڪا حاصل ڪري سگهي ٿو. هن اين ايڇ اي جي جاري منصوبن تي ملٽي نيشنل ڪمپنين ??ان ٿرڊ پارٽي اويليويشن جي هدايت ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي پراڻو سسٽم ڇڏي پرائيوي?? سيڪٽر سان مقابلو ڪرڻو پوندو. جڏهن ته اين ايڇ اي وسيلن کي وڌائي پنهنجي ملازمن ۽ آفيسرن جي پگهارن ۽ ٻين رعايتن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو جنهن سان نون منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ٿيندي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته اين ايڇ اي جي ڪنهن به شاهراهه تي مقرر وزن ??ان وڌيڪ ٽريڪن کي نه اچڻ گهرجي ۽ لاهور سيالڪوٽ سميت سمورن موٽر ويز تي ”ايم ٽيگ“ يقيني بڻائي ڊگهين قطارن کي ختم ڪرڻ گهرجي. عبدالعليم خان چيو ته هو پاڻ به سنڌ ۽ بلوچستان جو دورو ڪندو ته جيئن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي شاهراهن کي ڪم جي رفتار جو موقعي تي جائزو وٺي سگهجي. وفاقي وزير نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي گوادر سميت بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو. جنهن ۾ خضدار ??ان ڪچلاڪ، سراب ??ان قلات، قلات ??ان مستونگ، مستونگ ??ان ڪوئيٽا ۽ ڪوئيٽا ??ان ڪچلاڪ جون شاهراهون شامل آهن. اجلا س ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان کي نون ٽول پلازائن جي تعمير، بين الصوبائي شاهراهن ۽ اين ايڇ اي جي منصوبن تي اڳڀرائي ??ان آگاهه ڪيو ويو ۽ ضروري فيصلن جي منظوري ڏني وئي.