اسلام آباد – 08 – ??ئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بهتر مستقبل جي تعمير، سياسي ورڇ ۽ نفرت ختم ڪرڻ ج?? لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته 9 ??ئي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، نوجوانن کي رياستي ادارن جي خلاف اتساهڻ بدران انهن جي صلاحيتن کي ملڪي مفاد ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ڪوڙ تي ٻڌل مهم جي خاتمي، حوصلا شڪني ج?? لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته 9 ??ئي کي سياسي طور تي مشتعل هجوم سڄي ملڪ ۾ ڪهرام مچايو، مشعل هجوم سرڪاري ملڪيتن، فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو. صدر آصف علي زرداري 9 ??ئي تي پرتشدد واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته 9 ??ئي جي واقعن سان ملڪ جو تاثر بري طرح متاثر ٿيو، پرتشدد واقعن سان رڳو پاڪستان جي دشمنن جا مفاد پورا ٿيا، حملا رياستي رٽ، قانون جي حڪمراني ۽ ادارا ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش هئا، پرامن مظاهرا ۽ تعميري تنقيد جمهوريت جي روح آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ جلسن ۽ اظهار راءِ جا ??ني??دي حق ڏنا ويا آهن، ??ني??دي حقن کي آئين ۽ قانون موجب انتهائي ذميواري سان استعمال ڪرڻ گهرجي، ??ني??دي حقن جو غلط استعمال ڪري تشدد تي اتساهڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي هرگز برداشت نه ڪنداسين، ذميوار جمهوريتن ۾ سياسي مفاد ج?? لاءِ رياستي ملڪيتن جي تباهي، ڀڃ ڊاهه ڪڏهن به ناهي ڏٺي. صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ ان جي ادارن تي فخر جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني هٿياربند فوج مختلف خطرن ۾ قوم جي دفاع ۾ سڀ کان اڳتي رهي آهي، 9 ??ئي تي تشدد جي ذميوارن کي قانون موجب جوابده بڻائڻ گهرجي، پاڪستان کي اڳ ۾ ئي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، سياسي قوتن جي غيرذميواراڻي عمل سان ترقي جو عمل متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته سياسي قوتن جي غيرذميواراڻي عمل سان سماجي ۽ اقتصادي چئلينجز ۾ به وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو، موجوده سياسي صورتحال گهرجائو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون رواداري، جمهوري قدرن جي فروغ ج?? لاءِ ڪم ڪن، سموريون سياسي پارٽيون سياسي ڳالهه ٻولهه، قوم جي صحيح رخ ۾ رهنمائي ج?? لاءِ ڪم ڪن، سياسي پارٽيون پارليامينٽ، ميديا ۽ سول سوسائٽي جمهوريت کي مضبوط ڪن، قانون جي حڪمراني، رواداري، سياسي مڪالمي ۽ شموليت جي ڪلچر کي فروغ ڏين. صدر رياستي ادارن جي خلاف سوشل ميڊيا تي بدنيتي تي ٻڌل مهم تي افسوس ۽ مذمت جو اظهار ڪيو.