رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا ويندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ??رڻ جي لاءِ پوري طرح فعال آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب ج?? واپار واري وز??ر ماجد القصبي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، واپار وارو وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم وارو وفاقي وز??ر مصدق ملڪ ۽ وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پن موجود هئا. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا ويندا، پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ??رڻ جي لاءِ پوري طرح فعال آهي. وز??راعظم چيو ته سعودي عرب ج?? ترقي ۽ خوشحالي ۾ پاڪستانين جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. سعودي واپار واري وز??ر چيو ته ??لي عهد ۽ وز??راعظم شهزاده محمد بن سلمان جي واضح هدايتن موجب اسان پاڪستان کي سيڙپڪاري ۽ واپار جي حوالي سان ترجيح ڏئي رهيا آهيون، سعودي ڪاروباري ۽ واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ هڪ کان ڏيڍ سال جي دوران ٻنهي ملڪن جي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ هدفن جو تعين ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي نوجوانن ۽ نئين نسل ۾ سعودي پاڪستان دوستي جي حوالي سان جذبا وڌيڪ اجاگر ??رڻ جي ضرورت آهي.