اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدر ?? ايراني قانون واري وزير امين حسين رحيمي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سيڪيورٽي تعاون، دهشتگرديءَ جي خاتمي، اسمگلنگ، بارڊر مئنجمينٽ، پا??ستاني زائرين لاءِ سهولتون ۽ قيدين جي مٽاسٽا سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته ايراني صدر جو دؤرو پا??ستان ٻه طرفن ناتن جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، پا??ستاني قوم ايراني صدر ?? ان جي وفد جو پا??ستان ۾ آڌرڀاءُ ڪري ٿو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن طرفان دهشتگر?? تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. دهشتگردي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي، ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏي?? لائحه عمل تي اتفاق ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گڏيل معاونت کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ انٽيليجنس ڄاڻ جي مٽاسٽا تي به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي معاهدي تي جلد کان جلد ص??يح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ اربعين جي موقعي تي پا??ستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ايراني گهرو وزير ان سلسلي ۾ پا??ستاني هم منصب کي ايران جي دؤري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي عراقي هم منصب کي به دعوت ڏني ويندي. گهرو وزير ايران جي دؤر جي دعوت تي پنهنجي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو، ٻنهي طرفن جي قيدين جا ڏنڊ معاف ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير چيو ته اسملنگ ٻنهي ملڪن لاءِ معاشي نقصان جو سبب آهي، اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ بارڊر مئنجمينٽ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل واپاري رابطن کي هٿي ملندي. ايراني وزير چيو ته پا??ستان بارڊر جي فينسنگ جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو آهي. گهرو وزير ڪشمير مسئلي تي پا??ستاني مؤقف جي تائيد تي ايراني حڪومت جو ٿورو مڃيو. ايراني هم منصب ڊاڪٽر احمد وحيدي ۽ ايراني قانون واري وزير امين حسين رحيمي پا??ستان جي دؤري تي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازيءَ تي گهرو وزير جو ٿورو مڃيو.