اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چ??و آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعته الوداع، شب قدر ۽ عيدالفطر جي نماز سميت اهم مذ??بي تقريبن جي انعقاد تي پابندي جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي تي پنهنجي گهري م??يو??ي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته هي مسلسل پنجون سال آهي جڏهن ان تاريخي مسجد ۾ عيد الفطر جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي۔ ترجمان چيو ته مذ??بي اڳواڻن تي پابنديون هڻڻ ۽ ڪشميرين جي خصوصي مذ??بي موقعن تي گڏ ٿيڻ کان روڪڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي مذ??بي آزادي جي لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام کي آزادي سان پنهنجي مذ??ب تي عمل ڪرڻ ۽ پرامن ميڙ جي حق جو احترام ڪرڻ گهرجي.