اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، خساري جو شڪار حڪومتي ملڪيتي ادارن جي ??جڪاري، اداراجاتي سڌارا، اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون آهن، ??يف بي آر جي سئو سيڪڙو ڊيجيٽائيزيشن جي ??اءِ عا??مي معيار جي ??اهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن، اميد آهي ته ميڊيا غيرجانبداراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي ??فد ملاقات ڪئي. وفد ۾ شڪيل مسعود، مير ابراهيم، ميان عا??ر محمود ۽ سلطان لاکاڻي شامل هئ??. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تاڙر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئ??. پي بي اي جي ??فد عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان اهڙي وقت ۾ اقتدار سنڀاليو آهي جڏهن ملڪ کي بي ??نا??ه مشڪلاتون درپيش آهن. هن چيو ته معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم وفد کي حڪومت جي ??عاشي ترجيحن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته خساري جو شڪار حڪومتي ملڪيتي ادارن جي ??جڪاري، اداراجاتي سڌارا ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون آهن. هن چيو ته حڪومتي سطح تي خرچن ۾ گهٽتائي جي ??اءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا جلد ئي پنهنجون سفارشون پيش ڪندي جيڪي آئون پاڻ قوم آڏو رکندس. هن چيو ته وفاقي ڪابينا رضاڪاراڻي طور تي پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي سئو سيڪڙو ڊيجيٽائيزيشن جي ??اءِ عا??مي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سٺو ٽيڪس ڏيندڙن، برآمد ڪندڙن ۽ عورت انٽرپرينيورز جي حڪومتي سطح تي پذيرائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ميڊيا جي اهميت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ذهني ۽ فڪري تربيت ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم پڻ کنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا نمائندن جي حقن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته ميڊيا غيرجانبداراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته فيڪ نيوز هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن جي روڪٿام ۾ مين اسٽريم ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اءِ ڪوششن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏي.