اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جشن نوروز جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ ه?? آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پيغام ۾ هن چيو ته ??اڪ??تان سميت سڄي دنيا ۾ نوروز ملهائيندڙ ڀائرن ۽ ڀينر?? کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جشن نوروز بهار موسم جي اچڻ تي خوشيون ورهائڻ جو موقعو آهي. وزيراعظم چيو ته هن تهوار ۾ اميد جو پيغا?? آهي جيڪو اسا?? کي هڪ بهتر مستقبل جي خبر ڏي ٿو، ??اڪ??تاني پارسي برادري کي جشن نوروز جي موقعي تي خصوصي طور تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم ملڪ جي ترقي ۾ پارسي برادري جي اهم ڪردار جي معترف آهي ۽ اقليتن جي ان جذبي کي ساراهي ٿي، اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ ه?? آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيون.