ڪراچي – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان اطلاعات ??اري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ملاقات ڪئي. جاري پڌرائي موجب ملاقات ?? ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ ويجهي تعاون، عام چونڊن جي انتظامن، صحافين کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي ۽ ٻ??ن لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ??اري نگران صوبائي وزير نگران وفاقي وزير کي صوبي ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي انتظامن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عام چونڊن جي لاءِ ضروري فنڊز جاري ڪيا ويا آهن ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي تي اطلاعات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سنڌ صوبي کي پرامن ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. ان موقعي تي سنڌ جو سيڪريٽري اطلاعات ??ديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز محمد سليم خان پڻ موجود هئا.