ڪراچي – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي بابر اياز جي ??اڏاڻي تي مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جي ??اءِ سندس گهر ويو، سنڌ جو ا??لاعات وارو نگران وزير محمد احمد شاهه به ساڻس گڏ هو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرحوم بابر اياز جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ بابر اياز جي صحافتي خدمتن تي کيس خراج عقي??ت پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته بابر اياز هڪ مخلص، امن پسند ۽ جمهوريت پسند انسان هو. بابر اياز جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي ص??ر عطا فرمائي.