لاهور – 01 – جنوري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي?? حڪومت ۽ ڪ??روباري برادري جي گڏيل تعاون جي ڪري ملڪ هن وقت معاشي استحڪام ۽ بحالي جي راهه تي گامزن آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي نگ??ان وزيراعظم کي بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي مختلف معاملن ۽ هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان ??ريفنگ ڏني وئي. نگ??ان وزيراعظم صوبي ۾ ڪاروباري برادري جي ڀلائي لاءِ پنجاب حڪومت جي قيادت هيٺ بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪ جي باقي شهرن ۾ لاهور بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي طرز تي ادارا تعمير ڪرڻ ملڪي معيشت جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا. هن چيو ته ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي?? حڪومت ۽ ڪ??روباري برادري جي گڏيل تعاون جي ڪري ملڪ هن وقت معاشي استحڪام ۽ بحالي جي راهه تي گامزن آهي.