پيرس- 22 ڊسمبر (اي پي پي) فرانس ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار ا??مد پيرس ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪرسمس ڊنر جو اهتمام ڪيو. سفارتخاني ??اران جاري ٽوئيٽ موجب آجياڻي ۾ مشهور فرانسيسي شخصيتن ۽ سندن ڪٽنبن، پاڪستاني ??سيحي برادري، سفارتڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سفير عاصم افتخار ا??مد مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڪيڪ به ڪٽيو ويو ۽ مهمانن کي روايتي پاڪستاني کاڌا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته تقريب ۾ شريڪ ٻارن ۾ تحفا به ورهايا ويا.