اسلام آ??اد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته اس??ام آ??اد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، وفاقي گادي واري شهر ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي زمينن تي غيرقانوني قبضن جي خلا?? بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اس??ام آ??اد جي انتظامي معاملن، امن امان جي صورتحال ۽ منشيات جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي اس??ام آ??اد ۾ سرڪاري ملڪيتي زمينن تي غيرقانوني قبضن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي سرپرستي هيٺ ترقياتي منصوبن، اس??ام آ??اد ڪيپيٽل ٽيريٽري پوليس جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اس??ام آ??اد ۾ گاڏين جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ شهر جي مخلف حصن ۾ قائم شو رومز جي ڪري پارڪنگ ۽ ٽريفڪ جي لاءِ پيدا ڪيل مسئلن جو فوري خاتمو ڪيو وڃي. اس??ام آ??اد ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، اس??ام آ??اد ۾ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اس??ام آ??اد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام جي لاءِ وڌيڪ 160 نيون بسون اچڻ واريون آهن جنهن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام وڌيڪ موثر ٿي ويندو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اس??ام آ??اد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، پراڻي گاڏين جي عالمي سطح تي لاڳو ماحولياتي آلودگي جي معيار تي فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ ڊرائيونگ لائيسنس جاري ڪرڻ جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي مارگلا نيشنل پارڪ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي زمينن تي غيرقانوني قبضن جي خلا?? بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيووڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي اس??ام آ??اد ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڏوهن جي انگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اس??ام آ??اد پوليس شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته اس??ام آ??اد ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيف سٽي جي ڪئميرائن کي استعمال ۾ آڻي اي چالان جي نظام کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم پوليس عملدارن کي تعليمي ادارن ۽ انهن جي ڀرپاسي منشيا?? ۽ ??شي آور شين جي وڪري ڪرڻ وارن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميواري آهي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اس??ام آ??اد ۾ ڊو??فن فورس جي قيام جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ نگران گهرو وزير سميت اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.