بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين پيٽروليم جي شعبي ۾ هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. صحيحن واري تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ ۽ ت??انائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي پڻ ??وجود هئا. چين جي يونائيٽيڊ انرجي گروپ ۽ پاڪستان ري??ائ??ري لميٽيڊ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ ري??ائ??ري سان حاصل ٿيندڙ پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل نه رڳو مهانگي درآمدي ٻارڻ جو متبادل هوندو پر ري??ائ??ري جي پيٽرول جي ڪل پيداواري صلاحيت اڍائي لک ميٽرڪ ٽن مان وڌي 16 لک ميٽرڪ ٽن ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي پيداوار 6 لک ميٽرڪ ٽن مان وڌي 20 لک ميٽرڪ ٽن ٿي ويندي.