لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته تڪبندين ??و مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو، اميد آه?? جنوري 2024ع جي آخر تائين چونڊون ٿي وينديون، مستقل پاليسيون ٺاهڻ جو اختيار چونڊيل حڪومتن وٽ آه??، ريڊيو پاڪستان جي بحالي جي پوري ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پاڪستان جي نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جي پروگرام لاهور ان سائيٽ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ اليڪشن جي تاريخ ڏني آه?? 30 نومبر تي تڪبندين جي حتمي فهرست شايع ڪئي ويندي، حب تڪبندين ??و مرحلو مڪمل ٿي ويندو ته اليڪشن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو ڇو ته جيستائين تڪبنديون مڪمل نٿيون ٿين ته ان کان اڳ تاريخ ڏيڻ جو ڪو فائدو نه آه??. هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ واضح لکيل آه?? ته اليڪشن کان اڳ سمورين پارٽين کي اليڪشن مهم جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 54 ڏينهن ڏنا ويندا جيڪو اٽڪل ٻه مهينا بڻجي ٿو، مون کي يقين آه?? ته جنوري جي آخر ۾ چونڊون ٿي وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن عالمي معيار جو ادارو آه?? جيڪو پيشيواراڻي طريقي سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آه??. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان کي جديد گهرجن سان هم آه???? ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته نگران حڪومت جا اختيار محدود آه??، وڏا ۽ پاليسي فيصلا ڪرڻ جو اختيار چونڊيل حڪومت وٽ آه??. هن چيو ته جڏهن ريڊيو پاڪستان ڊيجيٽل براڊ ڪاسٽنگ سان ڳنڍجي ويندو ته ان نظام سان بجليج ي پڻ بچت ٿيندي. هن چيو ته اميد آه?? ته چونڊيل حڪومت اچڻ کانپوءِ ان ڪم کي اڳتي وڌايو ويندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن وقت ريڊيو پاڪستان کي ڪجهه مالي مسئلا درپيش آه??، 90ع جي ڏهاڪي تائين ريڊيو لائيسنس جي مد ۾ فيس وصول ٿيندي هئي جنهن کي ختم ڪيو ويو، هاڻي وفاق جي گرانٽ کانسواءِ ڪو آمدني جو ذريعو نه آه??. هن چيو ته گذريل حڪومت ريڊيو لائيسنس فيس جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا، اسان انهن کي اڳتي وٺي وڃي رهيا آه??ون. اميد آه?? ته ريڊيو پاڪستان کي درپيش مالي مسئلن جي حل لاءِ جلد سٺي خبر ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاليسي ٺاهڻ جو اختيار چونڊيل حڪومتن وٽ آه??. هن چيو ته جڏهن هو ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هو ته ان وقت ريڊيو پاڪستان جون اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ويب سائيٽس جاري ڪيون، ريڊيو پاڪستان جو ٽوئيٽر اڪائونٽ پڻ مون پاڻ ٺاهيو هو جنهن تي اڄ اٽڪل 10 لک فالورز موجود آه??. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جا سمورا سينٽرز سيٽلائيٽ جي ذريعي ڳنڍيل آه??، ريڊيو پاڪستان جي پهرين ڊي ايس اين جي منهنجي دور ۾ شروع ٿي هئي. هن چيو ته اميد آه?? ته ايندڙ چونڊيل حڪومت ريڊيو پاڪستان سميت ٻين رياستي نشرياتي ادارن جي جدت جي لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻيندي.