اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پنهنجي چيني هم منصب وانگ يي جي دع??ت تي چين جي دوري دوران تبت ۾ ٽئين چائنا تبت ٽرانس همالين فورم ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير پ??هنجي اهم خطاب ۾ گرين ڊيولپمينٽ، ماحولياتي تحفظ، جاگرافيائي رابطن سميت جامع ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.