نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين ا??لا?? جي موقعي تي نيويارڪ ?? ڪيوبا جي هم منصب برونوروڊ ريگوز پاريلا سان ??لا??ات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ڌرين ??لا??ات دوران ٻطرفي، گهڻ رخي ۽ علائقائي معاملن جي وسيع موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل خيال رکندڙ بهترين لاڳاپا آهن. هن گهڻ رخي فورمن خاص طور تي گڏيل قومن، غيروابسته ملڪن جي تحريڪ ۽ جي 77 ۽ چين جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي س??را??يو. نگران پرڏيهي وزير 2005ع ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ڪيوبا پ??را?? ڏني ويندڙ طبي امداد تي پاڪستاني عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. نگران پرڏيهي وزير جيلاني 2023ع ۾ جي 77 ۽ چين جي سربراهي دوران ڪيوبا جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ڪيوبا جي نگران پرڏيهي وزير کي 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي هوانا ۾ منعقد جي 77 ۽ چين جي سربراهي ا??لا?? جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار، بائيو ٽيڪنالاجي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفن ??اڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.