اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مس??ونگ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مس??ونگ ڌماڪي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ حافظ حمد??لل?? سميت ٻين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ تي حملو هڪ بزدلاڻو فعل آهي جنهن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته مون سميت پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.