اسلام آباد _ 18 آگسٽ (اي پي پي ) ڊاڪٽر نديم جان نگران وفا??ي صحت واري وزير جي حيثيت ۾ پنهنجي وزارت جو قلمدان سنڀالي ورتو آهي . صحت واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق وفا??ي صحت واري سيڪريٽري افتخار علي شلوني ۽اسٽاف صحت واري وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نديم جان صحت جي شعبي ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره امتياز حاصل ڪري چڪو آهي . هو پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجن خدمتن جي بدولت ع??لم?? شهرت رکي ٿو . چارج سنڀالڻ بعد وزارت جي آفيسرن ۽ هيڊ آف ڊيپارٽمنٽ سان تعارفي ملاقات به ڪئي . ان موقعي تي وفاقي صحت کاتي جي سيڪريٽري افتخار شلواني ، ايڊيشنل سيڪريٽري ڪامران رحمان خان ، ڊي جي هيلٿ ، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا . ان موقعي تي نگران وفا??ي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ته صحت واري وزارت کي درپيش چيلنجز سان منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور ص??اح??تن کي استعمال ۾ آندو ويندو . اسان کي ملڪ ۽ قوم جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پ??ندو . صحت جو شعبو اسان جي پهرين ترجيح آهي . عوام جا مسئلا گهٽ مدت ۾ حل ڪنداسي ، اسان سڀن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پ??ندو . ڊاڪٽر نديم جان چيو ته صحت جي شعبي ۾ مفاد عام لاءَ انقلابي ۽ ف??اح?? منصوبن جي بنياد رکنداسي .