اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي موزون ملڪ آهي، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ن?? رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري پاڪستاني آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پاڪستاني آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جو وفد هن وقت پاڪستان جي دوري تي آهي. وز??راعظم چ??و ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ن?? رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وز??راعظم چ??و ته پاڪستان معدنيات جي دولت سان مالامال آهي، پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، انهن سمورن عملن جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي موزون ملڪ آهي. هن وفد کي تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت پڻ آگاهه ڪيو. وز??راعظم چ??و ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ”هول آف دي گورنمينٽ“ حڪمت عملي تحت پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ يقيني بڻائيندي، ڪائونسل زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيندي. هن چ??و ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان ۾ سيڙپڪارين کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪندي. وز??راعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چ??و ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن. وز??راعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي آفيس ۽ پاڪستاني مشن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان پنهنجي رابطن کي تيز ۽ موثر بڻائين. هن چ??و ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جي نئين شعبن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد جي ميمبرن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ملاقات جو موقعو ڏيڻ ۽ شاندار استقبال تي وز??راعظم جا ٿورا مڃيا. وفد وز??راعظم کي پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي قدمن کان آگاهه ڪيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن چ??و ته پاڪستان جي لا??ِ بي پناهه محبت اسان جي دلين کي هڪ ڪري ٿي. وفد جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو پڻ اظهار ڪيو.