لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي چونڊيل ??هد??دارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گورنمينٽ ڪاليج ي??نيورسٽي مان فارغ التحصيل قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ان موقعي تي وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته گورنمينٽ ڪاليج ي??نيورسٽي جون بيشڪ ملڪي تعليمي ميدان ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون آهن، گورنمينٽ ڪاليج ي??نيورسٽي هن ملڪ جي نمايان درسگاهه آهي جنهن وڏا ناليوارا سپوت پيدا ڪيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گورنمينٽ ڪاليج مان تعليم پرائي نڪتل شاگرد زندگي ج?? مختلف شعبن ۾ تعميري ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن. شرڪت ڪندڙن چيو ته اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي، ته هن ملڪ جو وزيراعظم پاڻ گورنمينٽ ڪاليج مان تعليمي يافته آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گورنمينٽ ڪاليج ي??نيورسٽي ۾ پنهنجي شاگردي واري دور ۾ ۽ استادن کي خوشگوار لفظن ۾ ياد ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي تعليمي ترقي ۽ ٻين فلاحي منصوبن ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يادگاري شيلڊ ۽ تصوير پ?? پيش ڪئي.