اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ح??ومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي، ننڍن آبا??گا??ن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ معاشي ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ معاشي ٽيم وزيراعظم کي مالي سال 23 – 2022ع بابت اقتصادي سروي پيش ڪئي. وزيراعظم معاشي ٽيم جي گذر??ل هڪ سال جي ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته گذريل حڪومت جي ننڍي معاشي چئلينجز ۽ تاريخي ٻوڏ جي باوجود معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ح??ومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي. ننڍن آبا??گا??ن کي اعليٰ معيار جو ٻج ۽ خودڪار زرعي مشينري سان ليس ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ننڍن آبا??گا??ن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. في ايڪڙ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪندڙ آبا??گا??ن کي حڪومت انعام پڻ ڏيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا ۽ ناڻي واري وزارت جي اهلڪارن شرڪت ڪئي.