پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، فوجي ٺڪاڻن ۽ سول ملڪيتن تي ??ملو ڪندڙ، اتساهيندڙ، هدايتون ڏيندڙ ۽ منصوبابندي ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، پوري قوم عم??ان نيازي جو مڪروهه چهرو ۽ ٻهروپيو ڏسي ورتو آهي، جن تي ??ڳ ۾ پنهنجي حڪومت هٽائڻ جي سازش جو الزام هنيو انهن کان ئي اڄ مدد گه??ي رهيو آهي. گورنر هائوس پشاور ۾ سياسي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 9 مئي جا واقعا انتهائي مذمت جوڳا آهن. وزيراعظم چيو ته هن ريڊيو پاڪستان جي عمارت جو دورو ڪيو آهي ۽ اتان جي صورتحال ڏسي انتهائي افسوس ٿيو آهي، اهڙي طرح جون ڪارروايون ته دهشتگرد ڪندا آهن، 9 مئي جا واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن، 9 مئي تي پوري ملڪ ۾ دهشتگردي ڪئي وئي ۽ اهو ڏينهن ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن هو، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سول ملڪيتن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو ويو، عم??ان نيازي جي حڪم تي ??ٿن اها شرپسندي ڪئي، انهن کي باقاعده هدايتون ڏنيون ويون ته هنن هنن جاين تي ڪارروايون ڪرڻيون آهن، انهن واقعن جو اسان جي معاشري تي گهرو اثر پيو آهي، 75 سالن ۾ ڪنهن ??ي ائين ڪرڻ جي جرئت نه ٿي، ملڪ ۾ وڏا وڏا واقعا ۽ حادثا ٿيا پر تحمل، بردباري ۽ برداشت سان انهن حادثن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏنو ويو، سياسي پارٽيون احتجاج ڪنديون آهن پر انهن جو احتجاج پرامن هوندو آهي، ڪڏهن ڪنهن فوجي ٺڪاڻن تي ??ئين حملا نه ڪيا، پهريون ڀيرو اهڙا واقعا ٿيا آهن، حڪومت جي ذميواري آهي ته جن ڀڃ ڊاهه ڪئي، منصوبابندي ڪئي، هدايتون جاري ڪيون، ماڻهن ??ي اتساهيو ۽ گارگند ڪئي، فوجي ۽ سول ٺڪاڻن تي ??ملا ڪيا اهي ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، وڏي مشاورت کانپوءِ اهو طئي ٿيو آهي ته سول ملڪيتن تي ??ملا ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿيندي ۽ انهن کي ثبوت سان گڏ ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو جڏهن ته فوجي ٺڪاڻن تي ??ملو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ آئين پاڪ فوج کي جيڪي اخ??يار ڏنا آهن انهن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ جتي ??تي ??ه اهي واقعا ٿيا ذميوارن جي خلاف قانون تي ??ملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو به ملوث هوندو ان سان قطعي طور تي ڪا به رعايت نه ٿيندي ڇو ته جيڪڏهن انهن کي سخت سزا نه ڏني وئي ته ان سان ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته عم??ان نيازي ۽ ان جو جٿو اهڙن ملڪن جن تي هو اڳ ۾ پنهنجي حڪومت ختم ڪرڻ جو الزام هڻندو هو اڄ انهن ??ي اپيلون ڪ??ي رهيو آهي ۽ انهن کان مدد گه??ي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته قوم عم??ان نيازي جو مڪروهه چهرو ۽ ٻهروپيو ڏسي ورتو آهي، هاڻي قانون حرڪت ۾ ايندو، ريڊيو پاڪستان 13 ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي ??زادي جي خوشخبري ٻڌائي هئي ان جي تاريخي ورثي کي تباهه ڪيو ويو، ان کان وڌيڪ دشمني ۽ تباهي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته اڄ مون پشاور ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي آهي ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو آهي، ان حوالي سان تمام سٺي اڳڀرائي ٿي آهي، ان تي ??وبائي حڪومت، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي.