اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??لو??ستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي سان واڳيل آهي، قومي سياسي قيادت ??لو??ستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي، صوبي جا سمورا مسئلا ۽ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون لاڳاپيل ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??لو??ستان جي شاگردن جي شڪايتن جي حوالي سان قائم ڪيل ڪمي??ن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ڪميشن وزيراعظم کي ??لو??ستان سان تعلق رکندڙ شاگردن جي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان ڪميشن پاران جوڙيل رپورٽ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڪمي??ن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ??لو?? شاگردن جي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان رپورٽ انتهائي جامع آهي ۽ انتهائي ايمانداري ۽ سنجيدگي سان جوڙي وئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا رپورٽ ۾ ڏنل تجويزن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته ??لو?? شاگردن جا مسئلا ۽ شڪايتن جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته ??لو?? شاگرد پاڪستان جو اثاثو آهن ۽ انهن جي ڀلائي ۽ خوشحالي ۾ ئي پاڪستان جي ترقي آهي. وزيراعظم چيو ته قومي سياسي قيادت ??لو??ستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ??لو??ستان جا سمورا مسئلا خاص طور تي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان آئين ۽ قانون جي دائري جي اندر رهندي مناسب قدم کنيا وڃن. هن چيو ته حصيداري ۽ پارٽنرشپ جي حڪمت عملي اختيار ڪري قومي اتحاد ۽ ترقي يقيني بڻائي سگهجي ٿي. وزيراعظم چيو ته ??لو??ستان جي ترقي سان پاڪستان جي ترقي واڳيل آهي. هن هدايت ڪئي ته ??لو??ستان جي ترقي جي لاءِ ترقياتي فنڊز جي فراهمي ممڪن بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته عورتن ۽ معاشري جي محروم طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪوم?? ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ ڪمي??ن جي ڪنوينر قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ۽ ميمبرن سينيٽر مشاهد حسين سيد، سينيٽر ڪامر??ن مرتضيٰ، افراسياب خٽڪ، ناصر محمود کوسا، ميجر (ر) حسنين ايڊيشنل سيڪريٽري سينيٽ شرڪت ڪئي. ??ن موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. ??لو??ستان جي شاگردن جي شڪايتن جي حوالي سان ان ڪمي??ن جو قيام اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ سيپٽمبر 2022ع ۾ عمل ۾ آيو هو.