اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته قوم پنهنجي هيروز، غازين ۽ شهيدن ۽ انهن جي خاندانن سان اڻٿڪ يڪجهتي جي لاءِ اڄ تڪريم شهداءِ پاڪستان ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، 9 مئي پاڪستان جي محافظن، معمارن ۽ ان کي ڪمزور ڪندڙن جي وچ ۾ ورڇ جي لڪير ڪڍي ڇڏي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ??ه قوم پنهنجي هيروز، غازين ۽ شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جي خاندانن سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جي اظهار لاءِ تڪريم شهداءِ پاڪستان ڏهاڙو انتهائي عقيدت سان ملهائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ??ه هو 9 مئي جي المناڪ واقعن کي رڳو هڪ احتجاجي طور نه ٿو ڏسي جيڪي پرتشدد ٿي ويا. انهن ماڻهن جا ارادا جن انهن واقعن جي منصوبابندي ڪئي هئي اهي اصل ۾ تمام گهڻا خطرناڪ هئا ۽ اها شرمناڪ واقعن جي هڪ واضح شڪل هئي ۽ پوري قوم ڏٺو ته ڪهڙي طرح ڪجهه ماڻهن جي اقتدار جي هوس انهن کي اهو ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ??يڪو اڳ ۾ ڪڏهن ??اه?? ٿيو. وزيراعظم چيو ??ه شهيدن جي يادگارن کي نشانو بڻائڻ، انهن جي بي حرمتي ڪر?? ۽ ??ياست جي علامتن تي حملي آور ٿي شرپسندن پاڪستان جي نظري?? ۽ ??شخص تي حملو ڪيو ۽ ملڪ جي دشمنن کي جشن ملهائڻ جو موقعو ڏنو. وزيراعظم چيو ??ه قوم پنهنجي شهيدن جي عزت جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي. 9 مئي جي المناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ واقعا باور ڪرائي رهيا آهن ته اسان کي اهڙن سمورن ماڻهن جي لاءِ نشانده?? ۽ ??نهن کي بي نقاب ڪرڻو آهي جيڪي پاڪستان جي بنيادن کي تباهه ڪرڻ ??اه??ن ٿا. 9 مئي جي واقعن پاڪستان جي محافظن ۽ معمارن ۽ ان کي ڪمزور ڪندڙن جي وچ ۾ ورڇ جي لڪير ڪڍي ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ??ه اڄ اسان پنهنجي شهيدن جي عزت ۽ تڪريم کي برقرار رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. پاڪستان جو وجود عوام ۽ شهيدن جي وچ ۾ روحاني رشتي سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان جو قيام 20 هين صدي جو هڪ معجزو آه?? ۽ ??ن جي عمارت شهيدن جي مقدس رت جي يقيني بنيادن تي بيٺل آهي. اسان ڪڏهن به انهن جي احسان جو بدلو نه ٿا ادا ڪري سگهون.