اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي نئين چونڊيل صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي انقره جو دورو ڪندو، وزيراعظم 3 جون تي صدر اردوان جي حلف ب??دا??ي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ هوندو. وزيراعظم 28 مئي جي چونڊن ۾ ترڪيه ج?? هڪ ڀيرو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران صدر اردوان کي مبارڪباد ڏيندو. وزيراعظم ترڪيه جي صدر کي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ هائي ليول اسٽريٽجڪ ??وآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس ?? شرڪت جي دعوت پڻ ڏيندو.