اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رمضا?? المبارڪ جي آمد تي سموري عالم اسلام ۽ اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ??ه الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان کي هن مبارڪ مهي??ي جي برڪتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو آهي، منهنجي دعا آهي ??ه اسان سڀ??ي جي زندگي ۾ اهڙي طرح جا مبارڪ موقعا بار بار ايندا رهن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته رمضان جو مهينو ذاتي احتساب جو مهينو آهي. هي پنهنجي ذات جي حوالي سان نظرثاني ۽ اصلاح جو مهينو آهي. هي مهينو پنهنجي خواهشن ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو آڻڻ جي تربيت آهي ??ن جي ذريعي مومنن ۾ اها صلاحيت پيدا ٿي وڃي ته اهي ??بر ۽ نظم ۽ ضبط سان زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ??ه الله تعاليٰ اسان کي اسلام جي تعليم جي روشني ۾ پابندي سان روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ??ه هن مبارڪ مهي??ي جي برڪت سا?? الله تعاليٰ ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ اسان جي مدد فرمائي. الله تعاليٰ اسان سڀ??ي جو حامي ۽ ناصر هجي.