اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري موريطانيا ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 49 هين اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ??و آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سعودي عرب، ترڪيءَ، نائجر، آذربائيجان ۽ ڪشميرين جي حقيقي نمائندي ۽ او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني ح??ن واري ڪميشن (آئي پي ايڇ آر سي) شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ??ابطا گروپ کي ڀارتي ??يرقانوني ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن وضاحت ڪئي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم ۽ ان جي نتيجي ۾ والاريل علائقي ۾ آبادياتي ??بديلين جي ڪوششن سان ڀارتي ??يرقانوني ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال بگڙجي وئي آهي. هن چيو ته غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل جاري ڪري ۽ اهڙا قانون ٺاهي جيڪي غيررهواسين کي ڀارتي ??يرقانوني ??الاريل خطي ۾ زمين خريد ڪرڻ ۽ رکڻ جي اجازت ڏين ٿا، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي ئي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اهي قدم عالمي قانون خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي جيڪي قابض طاقت کي اهڙا قدم کڻڻ کان روڪي ٿو. رابطا گروپ ڀارتي ??يرقانوني ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي صورتحال تي ڳڻتي ??و اظهار ڪيو ۽ هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي تڪرار تي ??و آءِ سي جي موقف جي توثيق ڪئي وئي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني ??دمن کي سختي ??ان رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. پڌرنامي ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته عالمي فورمز تي ڪشمير ??ي منصفاڻي ڪاز جي لاءِ آواز اٿارين ۽ ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڀارت کي جوابده قرار ڏين. رابطا گروپ ڀارت کان ان جي غيرقانوني طور تي والاريل خطي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي ??ند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير ??ڪرار جي حل لاءِ قدم کڻڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.