اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته ملڪ کي درپيش اقتصادي مشڪلاتن جي ڏس ۾ قيادت کي پاڻ پنهنجو مثال پيش ڪندي ڪفايت شعاري جي قدمن ذريعي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ عوام تي پوندڙ بار کي پاڻ ئي کڻڻ اسان جي حڪومت جي سُڃاڻپ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته ملڪ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي ئي موجوده بحراني ڪيفيت مان نڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته ڪفايت شعاري جا قدم جنهن جي شروعات ڪابينا ميمبرن جي پنهنجي پگهارن ۽ مراعتن تان رضاڪاراڻي دستبردار سان ٿي رهي آهي، جنهن جي ذريعي ??ومي ناڻي کي ساليانو 200 ارب ??پين جي بچت ٿيندي. وزيراعظم اتحادي پارٽين جو ان سلسلي ۾ حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چي?? ته هو ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد جي پاڻ نگراني ڪندو.