اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سي پيڪ تحت چين پاران پا??ست??ن ۾ اٽڪل 62 ارب ڊالر جي متوقع سيڙپڪاري کي ساراهيندي واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي بي پناهه امڪانن جي ڏس ۾ اميد ظاهر ڪئي ته ٻطرفو واپار جنهن جو ڪاٿو 27.8 بلين ڊالر آهي مستقبل ۾ خاطرخواهه اضافو ڪري سگهجي ٿو ۽ واپار جو توازن گڏيل طور تي فائد??من?? ٿيندو. صدر اها ڳالهه پا??ست??ن ۾ چين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته سي پيڪ تحت 19 منصوبا مڪمل ڪيا ويا، 28 تعمير هيٺ جڏهن ته 41 پائيپ لائين ۾ آهن، سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو هڪ انقلابي فليگ شپ منصوبو آهي، جيڪو علائقائي امن ۽ رابطاڪاري جي محور طور تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته گوادر پورٽ، توانائي جا منصوبا، ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر ۽ خصوصي اقتص??دي زونز جي ترقي سميت صنعتي تعاون جي تيزي سان مڪمل ٿيڻ سان ملڪ جي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقف ۾ تبديلي ايندي. صدر چيو ته عالمي سطح تي تبديلين سان گڏوگڏ سي پيڪ تي اڳڀرائي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، زراعت جي فروغ لاءِ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيزي سان عمل ڪيو وڃي. صدر چيو ته جنوري 2020ع ۾ چين پا??ست??ن آز??دي واپاري معاهدي تي صحيحن واپار کي وڌيڪ آزاد ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ واپاري ڪاٿي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 2021ع جي پهرين 11 مهينن جي انگ?? اکرن موجب ٻطرفو واپار 27.8 بلين ڊالر جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي جيڪو 2020ع جي انهي مدي جي مقابلي ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙي طرح پا??ست??ن جي 3.6 بلين ڊالر جي روانگي واپار ۾ به سال به سال 68 سيڪڙي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ۽ سماجي ۽ اقتص??دي ترقي جي شعبن ۾ وسيع تعاون تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چين جي عوام ۽ صدر شي جن پنگ جا پا??ست??ن جي دل کولي مالي معاونت فراهم ڪرڻ تي دل سان ٿورا مڃيا جنهن سان ملڪ ??ي درپيش مالي صورتحال کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. هن چيو ته ايوان صدر کي ملندڙ چيني گرانٽ جو استعمال هڪ ڊيجيٽل آئوٽ ريچ پليٽ فارم ٺاهڻ جي لاءِ ڪيو ويندو ته جيئن ذهني دٻاءُ يا دماغي صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن کي مدد فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته خاتون اول پنهنجي برطانيا جي ايندڙ دوري دوران برطانيا ۾ رهندڙ پا??ست??ني نفسيات ۽ دماغي مرضن جي ماهرن جي فعال شموليت حاصل ڪندي ته جيئن ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن کي آن لائين رهنمائي ۽ مشورا فراهم ڪري سگهجن. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي چيني سفارتڪاري جي بهترين روايتن موجب وقار سان چين جي نمائندگي ڪرڻ تي ساراهيو ۽ ان جي مستقبل جي پيشيواراڻي ذميوارين جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.