اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت کي سينيئر صحافي ارشد شر??ف جي ميت جلد وطن واپس آڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ميت و??پس آڻڻ جو عم?? تيز ڪيو وڃي ۽ ڪينيا جي عم??دارن ??ان رابطو رکيو وڃي. وزيراعظم پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته اهي ميت جي وطن واپسي جي سمورن مرحلن جي ذاتي طور تي نگراني ڪن.