اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزي?? حنا رباني کر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. پرڏيهي وزير ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين جي ڏس ۾ پا????تا?? جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سيڪريٽري جنرل جي پا????تا?? جي وقت سر دوري کي ساراهيو. هن حڪومت جي جاري ردعمل جي پڄاڻي جي لاءِ گڏيل قومن جي ”فليش اپيل“ جي ذريعي پا????تا??ي عوام جي لاءِ عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڀرپور ڪردار تي ان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته شديد برساتن پا????تا?? جي تاريخ جي بدترين قدرتي آفت کي جنم ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو ٽيون حصو ٻڏي ويو ۽ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان اهم انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي ذريعن کي پڻ زبردست نقصان پهتو آهي. پرڏيهي وزير ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته چئلينج پا????تا?? جي وسيلن ۽ صلاحيتن کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته عالمي برادري پاران پا????تا?? جي مدد هن موسمياتي تباهي جو موثر طريقي سان جواب ڏيڻ ۽ پائيدار طريقي سان بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. هن چيو ته اهو نه رڳو عالمي برادري جي سخاوت ۽ يڪجهتي جو معاملو آهي پر انصاف جو معاملو آهي. سيڪريٽري جنرل عالمي ماليات کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پا????تا?? جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن جي لاءِ مالياتي گنجائش وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پا????تا?? جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. اسلام آباد ۾ پا????تا??ي قيادت سان پنهنجي ملاقاتن کانسواءِ سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو پڻ دورو ڪندو، هو متاثر علائقن ۾ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ملاقات ۽ امدادي سرگرمين جو مشاهدو ڪندو.