اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان قطر سان گڏ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن ??ي وڌيڪ مضبوط اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. منهنجو قطر جو دورو ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ٻڌي ۽ دوستي جي رستي جي تجديد هوندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزير اعظم چيو ته پنهنجي ڀاءُ شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر روانو ٿئي رهيو آهيان. اهو دورو ٻنهي ڀائر مل??ن جي وچ ۾ ڀائي چاري ۽ دوستي جي رستي جي تجديد ڪندو. اسان پنهنجي تاريخي ٻه طرفا لاڱاپن ??ي وڌيڪ مضبوط اسٽريٽجڪ لاڱاپن ۾ تبديل ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه جي دوران پاڪستان ۾ تجديد ??ي قابل توانائي، خوراڪ جي حفاظت، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي، سياحت ۽ مهمان نوازي جهڙن مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي پرڪشش موقعن ک?? اجاگر ڪندس. دوري جي تناظر کي سمجهڻ ضروري ??هي. دنيا ڪووڊ 19 جي وبا سان متاثر معيشت جي بحالي ۾ سست روي کي منهن ڏيئي رهي ??هي. جغرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ گهرج ۽ ورڇ کي متاثر ڪيو آهي ۽ وڌندڙ توانائي ۽ خوراڪ جون قيمتون مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ??هي. اسان جا گڏيل چيلنچز تعاون جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ جي گهرج ڪن ٿا.